پٿر سنڌي ءَ جي تصوير سندس اصل  نالو محمد قاسم ميمڻ هو

پٿر سنڌي ءَ جي تصوير سندس اصل نالو محمد قاسم ميمڻ هو

قاسم پٿر

قاسم پٿر: سـنـڌي ٻـولـيءَ جـي نامياري نثر نويس ۽ قومي ڪارڪن ’پٿر سنڌيءَ‘ جو اصل نالو محمد قاسم ولد عبدالرحيم ميمڻ هو. جنوري 1960ع ڌاري ڳوٺ ڪاٺوڙ، تعلقي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. بي. اي تائين تعليم پرايائين. 1973ع ۾ عـوامـي تحـريـڪ جي رسـالـي”تحريڪ“ جو ايڊيٽر ٿيو. اڳتي هلي سندس نامياري سياستدان رسول بخش پليـجي سـان اختـلاف ٿيـا ۽ هـن ”سنـڌي عـوامي تحريڪ“ توڙي ”تحريڪ“ رسالي کان علحدگي اختيار ڪئي. پٿر سنڌيءَ جي تصنيـفن ۾ ’ســاڻيـهه‘ (جيولس فيوچڪ جي ڊائريءَ جون قسطون: ترجمو)، ’ادب ڪي نام پر‘ (مـرحـوم رشيد احمد لاشاريءَ جي ترقي پسند ادب خلاف لکيل ڪتاب ”ادب ڪي آڙ“ ۾ محمد ابراهيم جويي جي رهنمائيءَ ۾ تيار ڪيل جواب) ۽ ’شاهه جي شاعريءَ جو عوامي پهلو‘ (لطيفيات تي اهم مضمون) شامل آهن. هي ابتدا کان وٺي قومپرست خيالن جو رهيو. جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي اڳواڻ به رهي چڪو آهي. سائين جي. ايم.سيد، حيدر بخش جتوئي، عبدالواحد آريسر، نورالدين سرڪي، صوفي حضور بخش، يار محمد جلالاڻي ۽ عبدالخالق جوڻيجي سان ويجهڙائي رهيس. سنڌي ادبي سنگت سان ابتدا کان وٺي لاڳاپو رهيس. ضلعي ٺٽي جي سنگت جي شاخن کي سرگرم ڪرڻ ۾ سندس خاص ڪردار رهيو آهي. بٺوري ۾ واٽر سپلاءِ تلاءَ ڀرسان سندس بيٺڪ (گهر ۽ اوطاق) هميشه قومي ڪارڪنن ۽ سياسي اڳواڻن جي آماجگاهه رهي. هن جي اوطاق جي باري ۾ مشهور آهي ته: وٽس هڪ به مهمان ايندو هو ته ان لاءِ ڏهه کن ڀاڄيون اينديون هيون. هڪ ڀيري ڪنهن حُجت ڪندي کيس چيو ته: ”پٿر! پاڻ مولائي لڏي جا ماڻهو آهيون، تون ايتري تڪليف ڇو ٿو ڪرين“. تڏهن وراڻيائين ته اسان پنهنجي گهر ۾ صرف هڪ ڀاڄي پچائيندا آهيون ۽ اها ٻهراڙيءَ جي رواج مطابق سڀني گهرن ۾ موڪليندا آهيون، ائين اُهي به جيڪا ڀاڄي پچائيندا آهن، اسان کي موڪليندا آهن، ائين مٽاسٽا ذريعي مهمان به خوش، اسين به خوش.هن اصول پرست، بيباڪ سياسي ۽ قومي اڳواڻ 18 ڊسمبر 2007ع تي وفات ڪئي. قاسم پٿر جي وفات کان پوءِ سندس سياسي رفيق صوفي حضور بخش، سندس ادبي ۽ قومي خدمتن تي مختلف سياستدانن، قومي ڪارڪنن، اديبن ۽ سماجي شخصيتن جي تاثرن ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا“ (2009ع) ڇپائي پڌرو ڪيو.


لفظ قاسم پٿرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو